صغير الاهي کچي

صغير الاهي کچي

صغير الاهي کچي

صغير الاهي کچي: ناليوارو اداڪار، هدايتڪار ۽ آرٽسٽ صغير الاهي کچي ولد الاهي بخش 19 مارچ 1955ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هن جي ڊرامن ڏانهن دلچسپي وڌي. جنهن سبب وڌيڪ نه پڙهيو. صغير جو والد الاهي بخش کچي پنهنجي وقت جو نامور اسٽيج اداڪار ٿي گذريو آهي. صغير ڊرامن ۾ اداڪاري جي سکيا پنهنجي والد کان ورتي. هن شاگرديءَ واري زماني ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ اسٽيج ناٽڪ ’پيداگير‘ ۾ اداڪاري ڪئي، جنهن ۾ هن هڪ هندؤ جو رول ادا ڪيو، جنهن بعد سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيو. صغير الاهي ڪيترن ئي ڊرامن، اسٽيج ڊرامن، ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. اسٽيج ناٽڪن ۾: ‘کل ته سهي’، ‘گرستي’، ‘ڀلا ڙي تنهنجا ڀاڳ’، ‘هل پنهل’، ‘شادي‘، ‘بابي جي پهاڄ‘، ‘خوابن جي ليليٰ’، ‘بالو کير وارو’، ‘مورتي’. ٽيلي فلمن ۾: ‘جيجل ماءُ’ ۽ ‘دلاور خان’ قابل ذڪر آهن. هن 1973ع ۾ ڪلاڪار آرٽ ڪلب جو بنياد وڌو. صغير الاهي ريڊيو پاڪستان جي ڊرامن تي اداڪاري ڪرڻ کان علاوه جيو ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين، آواز ٽي. وي ۽ اردو چئنل هم ٽي. وي جي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. سندس مشهور سنڌي ڊرامن ۾: ‘انتظار گاهه’، ‘هيلو ٽيسٽنگ’، ‘فنڪار ڪالوني’، ‘اوجاڳيل اکين جا خواب’، ‘عشق جو انداز’، ‘پريم نگر پلازه’، اردو ڊرامو ‘مستانا ماهي’ قابل ذڪر آهن. صغير الاهي، اسڪيچ ۽ پينسل ورڪ ۾ به مهارت رکندڙ آهي. هن ڪيترن ئي ماڻهن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن. سندس ٺاهيل ذوالفقار علي ڀٽي ۽ جمعي فقير جا اسڪيچ شاهڪار حيثيت رکن ٿا. صغير آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ڊرامن اوري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ صغير الاهي کچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.03.19  عيسوي

صغير الاهي کچي ولد الاهي بخش 19 مارچ 1955ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز علي شاهه شيرازي
زبير سومرو
حافظ حبيب سنڌي
جارج اسٽئڪ ڪئپٽن
بهليل شاهه
پرمانند ميوارام
آغا محمد يعقوب
ابن الاثير
پرتاب هرگنداس ڌنواڻي جادوگر نماڻو
ٻلديو نندلال ڪالرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون